پيغام آشنا

پيغام آشنا

پيغام آشنا

پيغام آشنا (رسالو): پاڪستان ۾ موجود ايران جي سفارتخاني مان نڪرندڙ هي ٽه ماهي رسالو ننڍي کنڊ ۾ موجود فارسي ادب شايع ڪندو آهي. هي رسالو اردو زبان ۾ نڪرندو آهي. هن ۾ ڪوشش ڪري پاڪستان جي چئني صوبن ۾ موجود فارسي ادب ۽ تاريخ تي مقالا شايع ڪيا ويندا آهن. هن رسالي جو هر شمارو لڳ ڀڳ 300 صفحن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن ۾ اسلامي ۽ علمي ادبي تحقيقي مقالن سان گڏ شاعري به ڏني ويندي آهي، ان کانسواءِ نوان ڇپيل ڪتابن جا تبصرا، ايران ۽ پاڪستان جون ثقافتي خبرون ۽ پيغام آشنا جي پڙهندڙن جا خط شامل ڪيا ويندا آهن. هن رسالي ۾ سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ بابت تحقيقي مقالا لکندڙن ۾ صفدر حسين ميرزا، مرزا ڪاظم رضا بيگ، ڊاڪٽر فائزه زهرا ميرزا، مولانا انس راڄپر ۽ ٻيا شامل آهن. پيغام آشنا رسالي جو مدير اعليٰ سيد مرتضيٰ فصول (ايراني) ۽ مدير جاويد اقبال قزلباش آهي. هن وقت تائين رسالي جا 42 پرچا اچي چڪا آهن. هي علمي ادبي رسالو ثقافتي ڪائونسليٽ اسلامي جمهوريه ايران، اسلام آباد مان شايع ٿيندو آهي. اهو رسالو سڄي پاڪستان جي علمي ادبي ۽ تعليمي ادارن سان گڏ، ان جي لکندڙن کي به موڪليو وڃي ٿو. هن جا ڪا به قيمت ڄاڻايل نه آهي.


لفظ پيغام آشناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو